اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خو??جه آصف چيو آهي ته ??سان جي حڪومت امپورٽيڊ نه آهي، عمران خان امپورٽيڊ آهي، عمران خان کي 50 لک گهرن جي تعمير، ٻاهران 200 ارب ڊالر کڻي قرضدارن کي منهن تي هڻڻ ۽ عوام جو ڏک درد ونڊڻ جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي جلسن ۾ عوام کي ٻڌائڻ گهرجي، عمران خان جو تڪبر ۽ پنهنجي ميمبرن ۽ اتحادين سان توهين آميز رويو سندس حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ اسان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيا، اسان کي پارليامينٽ سميت سمورن آئيني ادارن جو وقار بحال رکڻو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خو??جه آصف چيو ته ??سان جي آئيني ادارن واضح لفظن ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته ??ئين ملڪ جي مقدس دستاويز آهي ۽ پارليامينٽ سميت سمورا ادارا پنهنجون آئيني ذميواريون انجام ڏيندا. هن چيو ته ??سان آئيني طريقي سان هڪ وزيراعظم کي هٽايو ڪنهن کي ڪو ٽيليفون نه آيو. خو??جه آصف چيو ته ??مران خان جو تڪبر ۽ پنهنجي ميمبرن، اتحادين سان توهين آميز رويو اسان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيا. هن چيو ته هن پنهنجي تقريرن ۾ پنهنجي ڪنهن ڪارنامي جو ذڪر نه ڪيو رڳو گاريون ڏئي رهيو آهي. عمران خان کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته هن 50 لک گهر ٺاهيا آهن ۽ 200 ارب ڊالر کڻي قرضدارن جي منهن تي هنيا آه??. ه?? چيو ته ??مران خان عوام جو ڪو ڏک ۽ درد ونڊيو آهي ته ??ن جو ذڪر ڪري. دفاع واري وفاقي وزير خو??جه آصف چيو ته ??مران خان جي وزيرن کنڊ، اٽو، دوائن ۽ ٽرانسفرز پوسٽنگ ۾ ڪمايون ڪيون آه??. ه?? چيو ته ??سان جو نئون چونڊيل وزيراعظم 14 کان 15 مهينن جي لاءِ آيو آهي، ڪو به قدم آئين ۽ قانون موجب کڻندو، سندس ڪو به قدم ذاتي پسند ۽ ناپسند تحت نه هوندو. هن چيو ته هي ايوان آئين تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ اقتدار جي لاءِ مذهب ڪارڊ، آمريڪا مخالف، پاڪ ڀارت روايتي دشمني جا ڪارڊ استعمال ڪيا ويا. ان شخص اهي سمورا ڪارڊ استعمال ڪيا آهن. پاڪستاني سياسي تاريخ جو هي وڏو مير جعفر ۽ مير صادق آهي. پاڪ فوج ملڪي دفاع جي ضامن آهي. هن مذهب، سياست ۽ اخلاق کي بگاڙيو. هن قومي سلامتي جي اداير ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. خو??جه آصف چيو ته هو جلسن جي لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي، ان کي نه ته ??رم اچي ٿي نه حيا اچي ٿي. عمران خان ۽ سندس رشتيدارن ۽ ساٿين جي ڪرپشن جا داستان موجود آهن. انهن چوري جو مال ايمنسٽي اسڪيم ذريعي حلال ڪيو. اسان کي پارليامينٽ سميت سمورن آئيني ادارن جو وقار بحال رکڻو آهي. پي ٽي آءِ وفاق ۽ پنجاب ۾ آئين جي خلاف ورزي ڪئي. مسجد نبوي ﷺ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن گاريون ڏنيون اسان کي ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ چار سال جي تباهي جو ازالو ڪرڻو پوندو. عمران خان اقتدار جي لاءِ منٿون ڪندو رهيو ۽ گاريون ڏيندو رهيو. ادارن جي ورڇ ۽ توهين ڪنهن صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي. سڀ گڏجي آئين ۽ آئيني ادارن جو دفاع ڪندا. عمران خان انا پرست ۽ بيماري آهي. اقتدار جو اچ?? وڃڻ عارضي شيءَ آهي. هي حڪومت امپورٽيڊ نه آهي، عمران خان امپورٽيڊ آهي. اسان تي عداري جا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، هي پاڪستان جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي.