اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس هر لمحي معاشي بدحالي کان مت??ثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ستائي ٿو، رمضان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اٽي ۽ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي هر لمحي اهو احساس ستائيندو رهي ٿو ته معاشي بدحالي جي موجوده حالتن ۾ سفيد پوش طبقي جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان کي قومي خزانو جنهن حا??ت ۾ مليو آهي اهو منهنجي ان خواهش کي پورو ڪرڻ جي قابل نه آهي پر پوءِ به رمضان مهيني دوران پنهنجي لاچار ۽ مجبُور مُلڪ واسين جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مُون پنجاب ۾ 10 ڪلو اٽي جي قيمت 550 رپين مان گهٽ ڪري 400 رپيا ۽ رمضان بازار / يوٽيلٽي اسٽورز ۾ کنڊ 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپي?? في ڪلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگهون.