لنڊن – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلپائن ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ??يو هو. ان ڳالهه جو ا??ڪشاف بي بي سي ڀارتي اخبار جي ??والي سان پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ”دي انڊين ايڪسپريس“ پنهنجي ??پورٽ ۾ لکيو ته فلپائن اها وضاحت ان لاءِ طلب ??ئي هئي ڇو ته هو ڀارت سان براهموس ميزائل جي ??ريداري جي هڪ معاهدي ت?? صحيح ڪري چڪو هو، فلپائن جي ??در روڊريگوڊوٽرٽي جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀارتي سفير شمڀو ا??س ڪمارن کي ان سلسلي ۾ طلب ??يو هو. ڀارتي سفير فلپائن جي ??فاع واري سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ميزائل سسٽم ۾ ڪا فني مسئلو هو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ان جي معلومات به فلپائن جي لاڳاپيل عملدارن سان شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي ??رزمين ۾ حادثاثي طور تي ڪرندڙ ميزائل جي ??اخت ته ڪو به سرڪاري بيان سامهون نه آيو آهي ۽ فلپائن جي پريشاني جو ا??و ئي سبب آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 28 جنوري تي فلپائن ڀارت سان براهموس ميزائل جي ??ريداري جي هڪ معاهدي ت?? صحيح ڪيون هيون جنهن کي ڀارت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي او) ۽ روس جي ??ين پي او ميشينوسترونيا اداري گڏيل طور تي تيار ڪري رهيا آهن، فلپائن سان ٿيندڙ اهو معاهدو 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو ا??ڊيا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀارتي اخبار ”دي هندو“جي موجب انڊيسن سفير ڪمارن اننٿاسيٽر جي ??هتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو هو ته فلپائن سان شروعاتي معاهدو گذريل سال مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو معاهدو نومبر ۾ ۽ حتمي معاهدو هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ جي 23 مارچ جي ??پورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جي ??والي سان ٻڌايو ويو ته ڀارتي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي ??هدي جي ??رابر آفيسر ان معاملي جي ??اچ ڪري رهيا آهن ۽ بادي النظر ۾ اهو ميزائل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي ??فيسر جي ??لطي جي ??نياد تي فائر ٿيو هو.