اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 7 مارچ تي ڌمڪي آميز خط ملي ٿو، اڳئين ڏينهن ٻاهرئين طاقتن جون ڪٺ پتليون وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇ??ين ٿيون. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جن جي ڦريل دولت ٻاهر پيل آهي اهي ذاتي مفاد جي تحفظ جي لاءِ قومي مفاد کي داءُ تي لڳائي ڇ??ين ٿا، ڊرون حملن جي اجازت ان جو مثال هو. آصف علي زرداري ٻڌائي ميمو گ??ٽ ۽ نواز شريف ڊان ليڪس ۾ ڇا ڪرايو هو اهي کليل حقيقتون آهن. پاڪستان جي آزا?? پرڏيهي پاليسي، قومي سلامتي ۽ قومي غيرت جي لاءِ ڪپتان ڄمي بيٺل آهي.