اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي سان چين جي هم منصب وانگ اي وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ڪووڊ -19، يوڪرين ۾ جاري صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو ته اهو چين پاڪستان دوستي ??اءِ انتهائي اهم ڏينهن آهي، اهو موقعو ان لاءِ به اهم آهي ته چيني پرڏيهي و??ير پهريون ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آ??ي، پرڏيهي و??ير ان موقعي تي ??اڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران سومر تي چين ۾ ٿيندڙ النماڪ هوائي حادثي ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي چيني قيادت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي گهري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي و??ير چيني هم منصب وانگ اي جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان جي قومي ڏينهن جي پريڊ ۾ شرڪت جي آجيان ڪئي، پرڏيهي و??ير چيو ته ٻئي ملڪ سدائين هر نازڪ موڙ تي ??ڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آ??ي، ٻنهي ملڪن جي قيادت جي موقف ۾ هم آهنگي ۽ عزم جي ڪري سي پيڪ فيز 2 جي حوالي سان اعليٰ معياري ترقي جو خواب حقيقت جو روپ ڌاري رهيو آ??ي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ??ائيدار امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو، پرڏيهي و??ير رياستي ڪائونسلر وانگ اي کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڀارت جي غير ذميداراڻي رويي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، 9 مارچ تي ڀارت پاران ”ميزائل فائر واقعي“ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ??رڏيهي و??ير چيو ته هن ان واقعي جي حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط جي ذريعي پاڪستان جي ڳڻتي ۽ گڏيل جاچ جي مطالبي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غير ذميداراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان کي معاشي بحران کان بچائڻ ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، چيني پرڏيهي و??ير وانگ اي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ تي ??رڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.