اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري پي آءِ اي جو هر مهيني خسارو 5 ارب ??پي?? تائين پهچي ويو آهي، بيشڪ مون سميت پوري ڪا??ينا جو احتساب ڪ??و وڃي جڏهن ته انهن ماڻهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم ۽ 6، 6 ڀيرا وزارتن ۾ رهي هن غريب ملڪ کي نقصان پهچايو، نيب جاچ جي آج??ان ڪندس ۽ چاهيان ٿو ته منهنجي 1970ع کان 2020ع تائين سمورن اثاثن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس وبا جي موجوده صورتحال ت?? بحث ۾ حصو وٺندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته پوري دنيا ڪورونا وبا جو شڪار آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايوي ايشن آپريشن معطل ٿيو. پاڪستان ۾ به اها صورتحال درپيش آئي.