پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڌارن واري نظام ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اسٽيٽس ڪو جي مزاحمت جي خا??مي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي چيو آهي ت?? ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عم?? جاري رهندو، 2019ع مشڪل سال هو، ايندڙ سال معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ کان بهتر هوندو، سرڪاري اسپتالن ۾ پرڏيه?? ملڪن جي طرز تي جديد نظام متعارف ڪرائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر ??مريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي بيمارين جي ماهرن جي ت??ظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي ايلومينائي ايسوسيئيشن جي 42 هين سالياني ونٽر ميٽنگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران ڪيو.