اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته معاشري ۾ تعليم ۽ شعور سان امن کي هٿي ملي ٿي، نوجوان نسل کي ??عليم ۽ تربيت سان ئي ملڪ ۽ قوم کي ??رقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا نوجوان نسل کي معياري تعليم سان گڏ ان جي ڪردار سازي تي به خاص ڌيان ڏين، والدين ۽ استادن جي پهرين ذميداري آهي آهي ته هو قوم جي نوجوا??ن کي امن، معاشرتي ادب، صبر ۽ تحمل سان اڳيان وڌڻ جو درس ڏين ته جيئن هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ ملڪ کي ??رقي يافته بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ڪالهه راولپنڊي ۾ پنجاب ڪاليج ڊي 9 ڪيمپس ۾ انٽرميڊئيٽ جي شاگردن کي ويلڪم ايونٽ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ڊائريڪٽر پنجاب گروپ آف ڪاليج چوڌري اڪرام، ڪي پي ڪي جي گورنر جي آجيان ڪئي ۽ ڪاليج جو دؤرو ۽ شاگردن جي حوصله افزائي ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو. تقريب کي ??طاب ڪندي گورنر چيو ته ڪنهن به معاشري کي ??يڪڏهن مثالي بنائڻو هجي ته ان جي صرف تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏجي، معاشرو پاڻ ئي مثالي بڻجي ويندو. تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب صرف ڊگري وٺڻ ناهي پر ان سان گڏوگڏ معاشري جي اصلاح، تعمير ۽ تهذيب سکڻ به شامل آهي ته جيئن شاگرد پنهنجي ديني، معاشرتي روايتن ۽ قدرن جو خيال رکي ??گهن. هن خطاب ڪندي چيو ته انٽرميڊيئيٽ اوهان جي تعليمي سفر جو سڀ کان اهم حصو آهي، ??ن جي ڪارڪردگي اوهان جي ايندڙ سفر جو تعين ڪندي، ??يڪڏهن توهان هتي تعليمي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته اوهان جي منزل آسان ٿي ويندي.