اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي آءِ اي جهڙن قومي ادارن کي ماضي ۾ تباهه ڪيو ويو، هن وقت پي آءِ اي سميت سيرين ايئر لائين ۽ ٻين نجي ??يئر لائنز جا پائليٽس ڇنڊڇاڻ جي ??مل مان گذري چڪا آهن ۽ تصديق ٿيل ڊگريون رکندڙ آهن، عوام اعتماد رکي، جهاز اڏائيندڙ سمورا پائليٽس جانچ کانپوءِ ڪليئر آهن، پي آءِ اي سميت سمورن ادارن جي ??اک بحال ڪنداسين، جنهن اداري کي هٿ لڳايون ٿا ان ۾ مسئلا آهن، وفاقي وزير سيد علي زيدي چيو ته حڪومت جي ??ولين ترجيح مسافرن جو تحفظ آهي، سول ايوي ايشن جي لائسنسنگ اٿارٽي جي پنج خاص ماڻهن کي معطل ڪيو ويو آهي، ضابطي جي ??لاف ڀرتين ۾ ملوث ماڻهن جو ڪڙو احتساب ٿيندو، احتساب جو عمل سدائين مٿان کان شروع ٿيندو آهي، گذريل 10 سالن ۾ ٻنهي حڪومتن ملڪي تشخص ک?? نقصان پهچايو، پيپلزپارٽي کي عوام کان ڦريل ڳڀي، لٽي ۽ اجهي جو جواب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم جي ??اص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا، شاهد خاقان عباسي 20 ارب روپين جي ??بسڊي ڏيڻ جي معاملي جو اڃان تائين جواب ناهي ڏنو، اسان جي ڪوشش آهي ته کنڊ جي قيمت عوام جي پهچ ۾ رهي، اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.