اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف پنهنجي ??ڇايل ڄار ۾ پاڻ ڦاسي ??يو آهي، برطانيا جي عدالتن کي به خبر پوندي ته سندس اصليت ۽ حقيقت ڇا آهي؟ سماجي رابطن جي ??يب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ??وئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته قوم جو سوال آهي ته توهان سچا هجو ها ته عدالت سان رجو?? ڪرڻ ۾ 6 مهينا ڇو لڳايا؟ شهباز صاحب! ميڊيا تي اثرانداز ٿيڻ توهان جو شيوو آهي.