اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اج??اس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آ??ٽي??ل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل ق??ر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇ??ي آهي. وفاقي وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگامي اج??اس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪابينا اج??اس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي هنگامي اج??اس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.