اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سردين ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کان بچڻ جي لاءِ فيس ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻايو و??ي. ??نهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ الله تعاليٰ پاڪستان تي مهربان آهي ۽ ان کي وبا جي منفي اثرن کان محفوظ رکيو آهي. هن ان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته سردين ۾ ان جي ٻي ل??ر اچي س??هي ٿي. وزيراعظم عمران خان قوم جي هر فرد کي هدايت ڪئي ته اهي فيس ماسڪ پائين ۽ عوامي جاين ت?? وڃڻ کان احتياط ڪن.