سيالڪوٽ – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي قائداڻي صلاحيتن سان سندس بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، اسان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان و??يڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئي آهي، اسان کي پناهه جي بدلي ۾ 70 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪرڻا پيا، ڪالهه وارو ٿيندڙ افغان امن معاهدو پوري قوم جي لاءِ خوشخبري آهي، دنيا پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو آهي ان معاهدي سان افغانستان سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ امن ٿيندو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي و??يڪ چيو ته وزيراعظم جو هن قو?? ۽ ??لڪ سان احساس جو رشتو آهي. وزيراعظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽرول??م مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻين مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.