اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۾ غريب ۽ عام شهرين کي پنهنجي گهر جي ڇت جو تحفظ ڏيڻ لاءِ اڳڀرائي تيزي سان جاري آهي، وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن جي تعمير جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، تعمير ٿيل گهر جي وڪري جي مرحلي تي فڪس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ تعيراتي مرحلي تي سيلز ٽيڪس جو خاتمو ??ڏاوتن واري شع??ي جي فروغ ۽ ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.