اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪوششن جي نت??جي ۾ معاشي صورتحال مستحڪم ٿي آهي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، هن وقت حڪومت جو ڌيان عام ماڻه?? کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ تي آهي، معاشي استحڪام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادر?? جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تيل، گئس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ صوبن جي صلاحيت وڌائڻ جي ڏس ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومت جي معاشي ٽيم سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو.