اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين قانون ۽ آئين جي بالادستي ۽ ادارن جي مضبوطي جو عزم ورجايو، ايمرجنسي ۽ زندگي کي ??رپيش خطرن جي سڃاڻپ صحت جي ماهرن کي ڪرڻي آه??، محمد نواز شريف جي صحت جي حوالي سان عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي حڪومت ان تي جيئن جو تئين عمل ڪندي، ڪو به فيصلو ڪنهن شخصيت جي خواهشن جي تابع نه ٿيندو، گذريل 72 سالن دوران ادارن کي ڪمزو?? ۽ ??ابع رکيو ويو، نواز شريف جي پليٽ ليٽس 20 هزار تائين اچي ويندا، هر ايندڙ ڏينهن ان ۾ بهتري ايندي، صحت مند نواز شريف ئي اسان سڀني جي لاءِ اهم آهي، هاڻي مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي بيماري جي آڙ ۾ حڪومت تي تنقيد بدران ڪو ٻيو ذريعو ڳولي، هو بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا کي ??ريفنگ ڏئي رهي هئي.