پوگس (تاجڪستان) – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف تاجڪستان جي گ??دي واري شهر دوشنبي ويجهو سرڪاري رهائشگاه?? تي پوگس محل ۾ زرعي نمائش جو دورو ڪيو. تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان صدر اشرف غني ۽ ڪرغز وزيراعظم سوران بي جين بيڪوگ ساڻس گڏ هئا. نمائش ۾ زرعي مصنوعات رکيون ويون آهن ۽ تاجڪ زرعي مصنوعاتن جي فروغ لاءِ ميون ۽ زرعي جنسن ??ا مختلف اسٽال هنيا ويا آهن.