اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعو سازش آ??ي، هندستان پوري طرح پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آ??ي، اسان جي انٽيليجنس ادارن دهشتگردي جا چار وڏا منصوبا ناڪام بڻايا، هزاره برادري سان نائين اليون کانپوءِ تمام وڏو ظلم ٿيو آ??ي، هزاره برادري مڇ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري انهي ڏينهن انهن وٽ ڪوئيٽا ايندس، مڇ سانحي جي متاثرين جا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن، لاشن جي تد??ين کي وزيراعظم جي آمد سان جوڙڻ جو شرط مناسب نه آ??ي، اهڙي طرح ڪرپشن ڪندڙ داڙيلن جو ٽولو به بليڪ ميل ڪندو، آءِ ٽي جي شعبي کي مراعتون ڏئي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا. هو هتي انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.