اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به ڪرسمس جو ڏڻ اڄ جمعي ڏينهن ملهايو ويندو. ان ڏس ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيون پيون وڃن، جيتوڻيڪ ان اهم ڏڻ جون وڌيڪ تقريبون وبا جي ٻي لهر جي ڪري پوري دنيا ۾ ڊجيٽل طور تي م??عقد ٿينديون، تنهن هوندي به مسيحي برادري ان وائرس کان محفوظ رهڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي جوش ۽ جذبي سان ان ڏڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي، مسيحي برادري جو ڏڻ ڪووڊ -19 ايس او پيز تي عمل ڪندي ننڍي پئماني تي سرڪاري م??ڙاڪن کان وٺي ڪ??ڪ ڪٽڻ جهڙي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جي ذريعي م??هايو پيو وڃي، ڪرسمس فيسٽيول ۾ ڪرسمس ٽري، سانتاڪلاز ڪيرولز ۽ ڪرس??س تحفن جهڙيون روايتون شامل آهن جيڪي ان ڏڻ کي دلڪش بڻائينديون آهن، سمورا وڏي عمر جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي مارڪيٽن ۽ هفتيوار بازارن ۾ خريداري جڏهن ته نوجوان ڪرسمس ٽري جي سجاوٽ ۽ پنهنجي، پنهنجي فيملي ۽ دوستن جي لاءِ ڪرس??س تحفن جي خريداري ۾ مصروف آهن.